امڪاني مُلڪي حالتون ۽ ماضي مَان سبق سکڻ جي گهرج

تحرير: سهيل وڙائچ

تبصرن، تجزين ۽ تجويزن کي ڇڏيو، اچو ته اڄ سمجھون  ته فيصلو ڪندڙ، مستقبل جو تاڃي پيٽو ڪيئن اڻي رھيا آھن ؟ سڀ ڪجهھ ڄاڻڻ بعد آخر ۾ جائزو ورتو ويندو تھ انھن جا اندازا ۽ سياسي فيصلا ڪيترا درست ۽ انهن جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ؟

سمجھو تھ اھو طئي آھي تھ  اليڪشن فيبروري ۾ ضرور ٿيندي، ڪو حادثو يا اڻ ٿيڻي نھ ٿي تھ اهو به واضح آهي ته کلاڙي خان اليڪشن دوران جيل ۾ هوندو ۽ اليڪشن کان اڳ ئي نااهل بھ ٿي چڪو هوندو. اعليٰ پئماني تي اندازو ڪيو ويو آھي تھ ايندڙ پارليامينٽ ھنگ (ٽنگيل)  ھوندي، ڪنهن به جماعت کي مڪمل اڪثريت حاصل نه ٿيندي، سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندڙ جماعت کي وزارت اعظميٰ ملندي، ٻيو نمبر ايندڙ جماعت کي صدارت ملندي.

ذريعن موجب اندازو لڳايو ويو آھي تھ مسلم ليگ ن کي 75 کان 80 سيٽون ملنديون، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي به 60 کان 65 سيٽون ملنديون، جڏھن ان اندازي جي حوالي سان سمجھيو پيو وڃي تھ نون ۽ جيالن جي سيٽن ۾ ٿورو ئي فرق هوندو، سوال ڪيو ويو تھ جيالن جي سنڌ جي ٻھراڙين مان 40 سيٽن جو معاملو تھ عقلي طور تي سمجھه ۾ اچي ٿو باقي 25 سيٽون اھي ڪٿان ملنديون، تھ جواب آيو تھ ڪراچي بھ خالي پئي آھي جيالا 8 کان  10 سيٽون  ڪراچي مان کٽي ويندا. نونين ۽ جيالن جي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي جي حوالي سان به معاملا طئي ڪيا پيا وڃن. جيالن جي جارحاڻي گولھ باري بعد  نونين ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي لاڳاپا وڌائڻ شروع ڪيا ھئا پر لڳي ٿو تھ نونين ۽ جيالن ۾ سيزفائر ڪرائي وئي آھي. پنجاب ۽ سنڌ جون نگران حڪومتون اھو ٽڪراءُ نٿيون چاهين. ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اهو به معلوم  ٿيو آهي ته آمريڪا ۽ اولھه جا ملڪ اھو چاھين ٿا تھ پاڪستان ۾ جلد کان جلد چونڊون ٿين،ھڪ اولھه جي سفارتڪار موجب اليڪشن جھڙي بھ ٿي اھي پاڪستان کي اڳيان کڻي ويندا ان ڪري اولھه جي دنيا اليڪشن جھڙي بھ ٿي  ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪندي.

اڃان وڌيڪ ھي بھ ٻڌو، جيئن جيئن نونين کي يقين ٿيندو پيو وڃي ته کين  اقتدار ملڻ وارو آھي، تيئن تيئن سندن طور طريقن جو انداز توڙي لهجو ۽ رويو به بدلجندو پيو وڃي. ان جا اڳواڻ ۽ ترجمان جيڪي سالن کان جمهوري راڳ آلاپي  رهيا ھئا سي يڪايڪ  رياستي بيانيئي جا اسير ٿي ويا آهن. مفاهمت جون ڳالهيون ڪندڙن تي ناراض ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، حد ته اها آهي ته اھي پنهنجي ئي اڳوڻي اتحادي پيپلز پارٽيءَ کي اھا ڌمڪي ڏئي رھيا آھن تھ  90 واري ڏهاڪي وانگر ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ جي اليڪشني گهوڙن سان گڏجي ڪري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف حڪومت ٺاهي سگهن ٿا يعني اڃان اقتدار ۾ آيا ئي نھ آھن اھا ئي ساڳي پراڻي سوچ هڪ ڀيرو ٻيهر پڌري ٿي پئي آهي، خدا ڪري ته نوني ڪجهه سکي سگھيا ھجن ۽ ٻيھر ملڪ ۾ ٽڪراءُ واري  سياست شروع نه ڪري ڇڏين.

انهن کي تھ گهرجي ها ته اھي انصافين باوجود  مفاهمت جو رستو ڳولين ھا. پر اھي تھ الٽو پنهنجي ئي اتحادي پيپلز پارٽيءَ تي ڪاھي پيا آهن، لڳي ٿو ته اھي ڪنهن کي به اقتدار ۾ شريڪ ٿيڻ نٿا ڏيڻ چاهين. جڏهن ته  تاريخ اھو  ثابت ڪري چڪي آهي ته اها پاليسي غلط ثابت ٿي آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ ارڙهين ترميم جمهوريت، پارليامينٽ ۽ سياست کي مضبوط ڪيو آهي. جڏهن ته سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ هميشه جمهوريت، پارليامينٽ ۽ سياست کي نقصان ئي پهچايو آهي.

مٿين جي اڳڪٿين، اندازن ۽ سوچ کي ڄاڻڻ کان پوءِ هن سرڪاري نقشي جو تنقيدي جائزو وٺڻ ضروري آهي، حقيقت اها آهي ته ھن وقت ملڪ جي سياست ۽ سماج تار تار ٿيل آهي، سياست ۾ تلخي ۽ نفرت پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي تھ  ٽٽل ھن سماج کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ورهايل سياست کي مفاهمت جي طرف وٺي وڃڻ کپي، ان ڪم لاءِ هڪ نئين نوابزاده نصرالله خان جي ضرورت آهي، اھو ئي  ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جو روح روان  هو، پر اڄ جي سياست ۾ ھڪ بھ نوابزاده نصرالله  نه آهي. نفرت جي حد ايستائين پھچي وئي آھي جو مفاهمت ۽ مفاهمت جي ڳالهه ڪرڻ تي نوني ۽ انصافي ٻئي ڏاڪا ٻڌي چڙھي ٿا وڃن. جڏهن ته هن وقت سياسي ڌرين ۾ مفاهمت سان گڏوگڏ  سياستدانن ۽ طاقتورن جي وچ ۾ مفاهمت جي فارمولي جي سخت ضرورت آهي. نون ليگ کي اڀرو سڀرو اقتدار ملي بھ ويو اھو سياسي ڇڙوڇڙ جي ماحول ۾ اقتدار ڪيئن حڪومت ھلائندي ؟

مقتدرا سان ڪنهن فارمولي تي اتفاق نه ٿيو ته ڇا نواز شريف، ڪاڪڙ جھڙو وزيراعظم ٿيڻ قبول ڪندو؟ ظاھر آهي تھ اھڙي طرح نھ حڪومت ھلي سگھي ٿي ۽ نھ ئي وري نوازشريف اھڙو بي اختيار وزيراعظم بڻجڻ چاھيندو.پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻه چارٽر ضروري آهن، هڪ سياستدانن جي وچ ۾ ۽ ٻيو سياستدانن ۽ مقتدرا  وچ ۾. ان گرينڊ مفاھمت ۾ اهو طئي ٿيڻ گھرجي ته سياستدان هڪ ٻئي خلاف ڌرڻا ۽ لانگ مارچ نه ڪندا فوج سان ملي ڀڳت ڪري هڪ ٻئي کي هٽائڻ واري عمل ۾ شامل نه ٿيندا، ٻئي طرف مقتدرا ۽ عدليه کي بھ ماضي مان  سبق سکڻو پوندو.

سياستدان فوج جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن ۽ فوج پاڪستاني سياست ۾ ڀڃ ڊاهه بند ڪري ڇڏي. جيڪڏهن پاڪستان کي هلائڻو آهي ته اهو ئي واحد حل آهي ۽ جيڪڏهن ماضي ۽ حال وانگر هلڻو آهي ته پوءِ پاڪستان وڌيڪ ورهائجي ويندو، معاشي بحران اڃان بھ وڌندو ۽ اهو ڏينهن پري نھ ھوندو  جڏهن پاڪستان پٺتي پيل آفريڪي ملڪن جيان مسائلستان بڻجي ويندو.

جنھن ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه هجي ته ان جو دفاع ڪڏهن به مضبوط نه رهندو آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ وٽ پئسو نه هوندو ته اهو جديد جهاز، ٽينڪ ۽ هٿيار ڪيئن خريد ڪندو ۽ جڏهن اهو ماڊرن هٿيار خريد نه ڪري سگهندو ته ان جي سلامتي کي به خطرو هوندو، دنيا مان سبق سکي ڪري هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي،اھو ئي  رياست کي هلائڻ جو واحد حل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.