ڪراچي ۾ اوباش بي لغام، عورت کي هراسان ڪرڻ جي هڪ ٻي وڊيو سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا نه گهٽجي سگهيا ۽ هڪ ٻي عورت کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو سامهون آئي آهي.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار طرفان عورت سان نازيبا حرڪت ڪرڻ جي وڊيو سامهون آئي آهي.
سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ موٽر سائيڪل سوار کي واٽ ويندڙ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڪورنگي پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين واقعي جي حوالي سان ڪا شڪايت وصول ناهي ٿي، سي سي ٽي وي جي مدد سان جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.