گھڻو لوڻ کائڻ شگر ڪيئن ڏئي سگھي ٿو؟

هونئن ته چيو ويندو آهي ته گھڻو مٺو کائڻ شگر جهڙي مرض جو خطرو وڌائيندو آهي پر نمڪين غزائن جو شوق به ان موتمار بيماري جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.

اها تنبيهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي.

Tulane يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته خوراڪ جي مٿان لوڻ ڇٽڻ جي عامدي ماڻهن ۾ شگر ٽائيپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

ان تحقيق ۾ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي غزائي عادتن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.

انهن ماڻهن کان لوڻ جي استعمال بابت سوال ناما ڀرايا ويا ۽ پوءِ سندن صحت جو جائزو 11.8 سالن تائين ورتو ويو.

ان عرصي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ شگر ٽائيپ جو جي سڃاڻپ ٿي.

تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويو ته غذائن تي لوڻ ڇٽي کائڻ سان ان بيماري مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ڪيترو وڌي ٿو.

نتيجن مان خبر پئي ته ڪڏهن ڪڏهن خوراڪ جي مٿان لوڻ ڇٽري چائڻ سان شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 13 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

اهڙيءَ طرح گھڻو ڪري لوڻ ڇٽرڻ سان 20 جڏهن ته هر ڀيري اضافي لوڻ جي استعمال سان شگر ظاهر ٿيڻ جو خطرو 39 سيڪڙو تائين ويندو آهي.

محققن ٻڌايو ته اسان کي اها اڳا کان خبر آهي ته لوڻ جو وڌيڪ استعمال ئي بلڊ پريشر ۽ دل جي مرضن جو خطرو وڌائيندو آهي، پر ان تحقيق جي نتيجن مان خبر پوي ٿي ته خوراڪ جي مٿان لوڻ ڇٽڙي کائڻ به شگر جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.

هنن چيو ته نتيجن جي حتمي تصديق لاءِ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.

سندن مڃڻ آهي ته لوڻ جو گھٽ استعمال صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي.

هنن چيو ته اضافي لوڻ جو استعمال ڪندڙ گھڻا ماڻهو کاڌو به وڌيڪ مقدار ۾ کائيندا آهن، جنهن سان ٿولهه ۽ سوڄ جو خطرو وڌندو آهي.

اهي ٻئي شگر ٽائيپ 2 جو خطرو وڌائيندڙ اهم عنصر آهن.

ان تحقيق ۾ لوڻ جي گھڻي استعمال ۽ وڌيڪ جسماني وزن وچ ۾ به واسطو دريافت ڪيو ويو.

محقق هاڻي هڪ ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن جنهن ۾ مختلف مقدار ۾ لوڻ جو استعمال ڪرائي انهن جي اثرن جي جاچ ڪئي ويندي.

ان تحقيق جا نتيجا جرنل مايو ڪلينڪ پروسيڊنگز ۾ ڇپيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.