واٽس ايپ ۾ نئون دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو وڊيو پلي بيڪ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ ۾ نون پلي بيڪ ڪنٽرولز جو اضافو ڪيو ويو آهي.
اهو نئون فيچر اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اهو نئون فيچر يوٽيوب جي وڊيو پلي بيڪ ڪنٽرولز جهڙو ئي آهي.
ان فيچر سان واهپيدارن لاءِ وڊيوز کي 10 سيڪنڊ پوئتي ۽ 10 سيڪنڊ اڳتي ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي، جنهن لاءِ رڳو اسڪرين تي ٻه ڀيرا ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
هن وقت واٽس ايپ تي وڊيو ڏسندي ان کي پوئتي يا اڳتي ڪرڻ لاءِ پروگريس بار تي آڱر کي اڳتي پوئتي ڪرڻو پوندو آهي.
في الحال اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ ڏنو ويو آهي تنهنڪري هن وقت اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪڏهن اهو سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ٿيندو.
You might also like