پاڪستان جو واڌو فنڊ لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان واڌو فنڊ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.
ناڻي بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر او آءِ سي سي آءِ جي ڪلائميٽ ڪانفرنس سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته اسان ايندڙ رائونڊ ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ واڌو فنڊ لاءِ ڳالهائينداسين.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان واڌو فنڊ لاءِ ٽرسٽ فنڊ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، پاڪستان قرض جي دٻاءَ وارن ملڪن ۾ ايندو آهي، جنهن جو 75 سيڪڙو روينو قرض ۽ وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ 7 سالن ۾ 340 ارب ڊالر گهربل آهن، ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته ڪوششن باوجود پاڪتسان ۾ ماحولياتي مسئلا ۽ بحرانن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان گڏجي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.