سنگاپور سٽي (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ واهپيدارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته نئون فِشنڪ اسڪيم هنن جا سمورا نجي پيغام سائبر ڏوهارين جي حوالي ڪري سگھي ٿو.
فِشنگ هڪ اهڙو فراڊ هوندو آهي جنهن ۾ اي ميل، ميسيج يا ڪال ذريعي ميلويئر موڪلي نجي ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي.
واٽس ايپ واهپيدار عام طور تي ڊيسڪ ٽاپ تي اڪائونٽ لاگ ان ڪرڻ لاءِ آفيشل ويب سائيٽ سرچ انجڻ تي ڳوليندا آهن.
واهپيدار ڪمپيوٽر جي انٽرنيٽ برائوزر ۾ web.whatsapp.com ٽائيپ ڪندا آهن ۽ پوءِ ايپ ان لاڪ ڪرڻ لاءِ خاص ڪوڊ لکندا آهن. هڪ ڀيرو واهپيدار سائيٽ تائين پهچي وڃي ته سندس فوج سان ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ٿي سگھي.
پر ماهرن طرفان فراڊ ڪندڙ جي جعلي واٽس ايپ سائيٽ جي استعمال جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
سنگاپور پوليس موجب ڪجهه فشنگ ويب سائيٽس تي حقيقي ويب سائيٽ تان حاصل ڪيل ڪيو آر ڪوڊ لڳل آهي. فراڊ جو شڪار بڻجندڙ ماڻهو سرچ نتيجن ۾ ايندڙ شروعاتي ويب سائيٽ تي ان جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ ڪلڪ ڪري ڇڏيندا آهنن.
جڏهن متاثر ماڻهو ڪوڊ اسڪين ڪندا آهن ته اهي حقيقي اڪائونٽ تي وڃڻ بدران ڪنهن ٻئي اڪائونٽ تي پهچي ويندا آهن. جنهن کان پوءِ فراڊ ڪندڙن وڪڙ ۾ آيل ماڻهن جي اڪائونٽ ۾ هليا ويندا آهن ۽ انهن جو روپ ڌاري وٺندا آهن. اهيواهپيدار جي ڪانٽيڪٽس کي ميسيج موڪلي سگھن ٿا ۽ انهن جي نجي ڊيٽا ۽ آنلائين بينڪ تفصيل حاصل ڪري سگھن ٿا.
ان دوران فراڊ جو شڪار ماڻهو پنهنجو اڪائونٽ استعمال ڪري سگھن ٿا ۽ ان فراڊ بابت خبر پوڻ ۾ انهن کي گھڻو وقت لڳي سگھي ٿو.
سنگاپور پوليس واهپيدارن تي زور ڏنو آهي ته ڪمپيوٽر تي واٽس ايپ استعمال ڪندي ويب سائيٽ جي سٺ طرح تصديق ڪريو.
Prev Post
You might also like