ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي واري وزارت جي ترجمان علي ڪاظم چيو آهي ته انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت موبائيل قسطن تي نه ڏيندي ڇو ته وزارت جو ڪم رڳو پاليسيون ٺاهڻ آهي ۽ هن وقت وزارت موبائل ٺاهيندڙ ڪمپنين کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏئي رهي آهي ته جيئن پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ موبائل فون ٺاهي سگهجن.
هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان وڌيڪ موبائيل ٺاهيا ويندا پر پوءِ ان جي طلب ۽ رسد کي وڌائڻ لاءِ وزارت طرفان قسطن تي موبائيل ڏيڻ جي حوالي سان پاليسي جوڙي ويندي ته جيئن ماڻهو موبائيل خريد ڪن پر قسطن تي موبائيل نه وزارت نه پر موبائل ٺاهيندڙ ڪمپنيون، ٽيلي ڪام ڪمپنيون ۽ بئنڪون فراهم ڪنديون.