اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست ۾ پيش ٿيندڙ وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ٻن الڳ الڳ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل دليلن دوران هٿ ٻڌا ۽ ڪن پڪتا ته چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هيءَ عدالت آهي، هالي ووڊ ناهي، تنهن ڪري اهو ڊرامو هتي نه ڪيو.
چيف جسٽس چيو وڪيل چئي رهيو آهي ته 5 ڪيس آهن پر 8 آهن، وڪيل جج صاحب جي ڳالهه کي درست مڃڻ کان انڪار ڪيو، جيڪڏهن غلطي ڪئي اٿو ته معذرت به ڪيو، پوءِ وڪيل عدالت کان پنهنجي رويي تي معذرت ڪئي.
ضمانت جي ٻئي ڪيس ۾ چيف جسٽس وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو حيرت آهي ته گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪير ڪندو آهي؟ توهان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته درخواست رد ٿي وڃي.
وڪيل جي ڪوشش باوجود عدالت ٻه لک شيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي درخواست گذار جي گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
Prev Post
You might also like