ڏکڻ ضلعي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي دوران ڇڪتاڻ جو خدشو، اختيارين کي مدد لاءِ خط

 

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ)  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڏکڻ ضلعي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران ڇڪتاڻ جو خدشو ظاهر ڪندي مدد لاءِ ڊي سي ۽ پوليس اختيارين کي خط لکي ڇڏيا.

سي بي سي اي طرفان خط ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود غير قانوني عمارتن کي ڏنل بجلي، گيس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن نه هٽي سگهيا آهن.

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر سائوٿ محمد عرفان حيدر نقوي ڊي سي سائوٿ کي اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڊيوٽي لڳائڻ ۽ ايس ايس پي سائوٿ کي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ليڊيز عملي ۽ پوليس جي مدد لاءِ خط لکي ڇڏيا.

ڊي سي سائوٿ کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته غير قانوني عمارتن ۾ لڳل بجلي، گيس ۽ پاڻيءَ جا ڪنيڪشن ناهن ڪٽيا ويا، جنهن سبب ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ عمارتون ڊاهڻ ۾ مشڪلات پيدا ٿي سگهي ٿي، ان هڪ ڀيرو ٻيهر سئي سدرن گيس ڪمپني ۽ سنڌ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي پڻ خط لکيو ويو آهي.

خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب غير قانوني عمارتن کي ڊاهڻ ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد گهربل آهي، جڏهن ته عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ 31 آڪٽوبر اڱاري واري ڏينهن صبح 10 وڳي ڊيموليشن عملو ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جا آفيسر پڻ پهچي ويندا.

ٻئي پاسي ايس ايس پي ڏکڻ کي لکيل خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته غير قانوني عمارتن کي ڊاهڻ ۽ اتان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ليڊيز عملو ۽ پوليس جي مدد گهربل آهي.

ياد رهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اين او سي بنا ڪمرشل ڪنيڪشن لڳائي ڏيڻ غير قانوني آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني عمارتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد ڪيو آهي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن عمارتن ۾ ڪيئي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي تي حملو به ڪري سگهن ٿا يا وڏي ڇڪتاڻ جو خدشو پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.