غزا (ويب ڊيسڪ) فسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ اسرائيل جي اهم ترين شهر ديمونا کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ديمونا شهر ڳجهن حساس جوهري ٿاڪن سبب اهم آهي.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب حماس ديمونا شهر کي نشانو بڻايو آهي پر اها خبر ناهي پئجي سگھي ته انهن حملن ۾ صيهوني فورسز يا حساس جوهري ٿاڪن کي ڪنهن قسم جو نقصان پهتو آهي يا نه.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس غزا ۾ اسرئايل فوج جي زميني ڪارروائي ۾ شريڪ هڪ فوجي ٽرڪ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حزب الله به اسرائيلي فوجي قافلي ۽ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو آهي.
ٻي پاسي اسرائيلي فوج غزا جي شهرن کي هڪ ڀيرو وري ڏکڻ ۾ منتقل ٿيڻ جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ڏکڻ ۾ غزا جا شهري پاڻي، خوراڪ، دوائون حاصل ڪري سگھندا.
اسرائيلي فوجي ترجمان چيو آهي ته سڀاڻي کان آمريڪا ۽ مصر جي غزا لاءِ انساني امداد جي ڪوششن کي وڌايو ويندو، اسرائيل جي ويڙهه غزا جي ماڻهن سان نه، حماس سان آهي.
حماس اسرائيل ۾ قيد 6 فلسطينين جي آزادي عيوض اسرائيلي قيدين کي ڇڏڻ تي راضي ٿي وئي آهي.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم جي ترجمان ابو عبيدا غزا جي شهرين کي پاڻ سان بيهڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته شهري ان معاملي کي فيصلو ڪندڙ سمجهن، ڪابيابي اسان جي ئي ٿيندي.
هوڏانهن اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن چيو آهي ته صيهوني حڪومت قيدين جي خيريت سان آزادي جي ذميوار آهي، وزيراعظم نيتن ياهو سڀني قيدين جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري.
اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته غزا ۾ جاري زميني ڪارروايون جنگ جو ٻيو مرحلو آهي، غزا پٽي جي اندر جنگ ڏکي ۽ ڊگھي هوندي.
ان حوالي سان حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ڪارروايون وچ ۾ ڪيترائي يرغمالي به مارجي ويا آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته اسرائيل جي غزا هوائي ۽ زميني حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي چڪو آهي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي.
Prev Post
You might also like