اهو ملڪ، جتي اڄ رات گهڙيون هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪيون وينديون

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ اڄ کان سمر ٽائم ختم ۽ ونٽر ٽائم شروع ٿي ويندو ۽ اڄ رات گهڙيون هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪيون وينديون.
برطانوي ميڊيا موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات 2 ٿيندي ئي گهڙيون هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪيون وينديون، هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪرڻ جو مقصد سج جي روشني مان فائدو کڻڻ آهي.
گهڙيون هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪرڻ کانپوءِ برطانيا ۽ پاڪستان ۾ وقت جو فرق 4 مان وڌي 5 ڪلاڪ ٿي ويندو.
ميڊيا رپورٽ موجب آچر جي صبح گهڙين ۾ وقت جي تبديلي سان ماڻهن کي هڪ ڪلاڪ وڌيڪ سمهڻ جو موقعو ملندو، ونٽر ٽائم ايندڙ سال 31 مارچ تائين جاري رهندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا ۾ تڪڙي اونداهي ٿيڻ سبب ٽريفڪ حادثن ۽ گهرن ۾ چوري جون وارداتون وڌي وينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.