اسرائيل پنهنجي چريائپ بند ڪري:ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان مطالبو ڪيو آهي اسرائيل چريائت جي حالت کان ٻاهر نڪري ۽ غزا تي حملا فوري بند ڪري.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ گذريل رات شدت آئي، اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو وري عورتن، ٻارن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن سان انساني بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي.
هن چيو ته اڄ ترڪيه جا ماڻهو استنبول اتاترڪ ايئرپورٽ تي فلسطين ريلي ۾ شرڪت ڪن، جتي اسان اهو ثابت ڪنداسين ته اسان اسرائيلي ڏاڍ خلاف ۽ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.