ڪراچي ۾ پوليس پرڏيهين جي واپسي لاءِ پوسٽر هڻي ڇڏيا، مسجدن ۾ اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهين جي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪراچي ۾ پوليس پوسٽر لڳائي ڇڏيا ۽ مسجدن ۾ اعلان به ڪيا پيا وڃن.
پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپسي جي ڏنل الٽيميٽم ۾ 3 ڏينهن وڃي بچيا آهن، ان حوالي سان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس طرفان بئنر لڳايا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن جي مسجدن ۾ اعلان ڪرائڻ جو سلسلو به جاري آهي.
پوليس طرفان لڳايل پوسٽرن ۾ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن توهان جي علائقي ۾ ڪو اهڙو افغاني موجود آهي، جنهن کي توهان سڃاڻو ٿا ۽ ان وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ آهي ته فوري طور پوليس کي آگاهه ڪيو.
پوليس موجب ڪنهن پرڏيهي لاءِ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ قانوني ڏوهه آهي، ان سلسلي ۾ اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو.
پوليس طرفان پيغام ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني افغانين کي گهر، دڪان يا فليٽ ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي، پهرين نومبر کان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.