ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سان موسم خوشگوار ٿي وئي.
ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وچولي برسات ٿي، جڏهن ته ڳڙو به پيو.
بلوچستان کان ڪجهه ٿنڊر سيلز شهر جي اتر علائقن تي اثرانداز ٿيا پر ڪراچي ۾ برسات لوڪل سسٽم تحت ٿي، حب، گڏاپ ٽائون، ڪاٺوڙ سميت مختلف هنڌن تي برسات ٿي، جڏهن ته گڏاپ ٽائون ۾ ڳڙو به پيو.
🟢 Heavy Rain and Hailstorm at Gadap Town Right Now. ⛈️❄️⛈️❄️
Weather Updates PK 2.0 – Jawad Memon / Pakistan Doppler (Former Karachi Doppler) pic.twitter.com/MAFk7B5LlQ
— Weather Updates PK (@WeatherWupk) October 28, 2023
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جي ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان ناهي.