هيليڪاپٽر ذريعي هزارين جنگلي گھوڙن کي مارڻ جو فيصلو

ڪينبريا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا وڏن قومي پارڪن ۾ هيليڪاپٽر ذريعي جنگلي گھوڙن کي فائرنگ ڪري مارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آسٽريلوي اختيارين موجب هيليڪاپٽر ذريعي جنگلي گھوڙن کي مارڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جيڪو حيوانن ۽ نباتاب جي تحفظ لاءِ ضروري تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن تڪرار پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.
آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر حصي ۾ قائم ڪوسڪيوسڪو نيشنل پارڪ ۾ تقريبن 19 هزار جنگلي گھوڙا آهن جن کي ”برمبيز“ چيو ويندو آهي.
نيو سائوٿ ويلز جي رياستي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو 2027ع جي وچ تائين جنگلي گھوڙن جو انگ گھٽائي 3 هزار تائين آڻڻ چاهين ٿا.
گھوڙن کي مارڻ لاءِ پارڪ جي اهلڪار بندوقن جو استعمال ڪندا آهن پر نيو سائوٿ ويلز جي ماحولياتي وزير پيني شارپ چيو آهي ته اهي قدم هاڻي ڪافي ناهن.
پيني شارپ وضاحت ڪندي چيو ته مقامي نسل ختم ٿيڻ جي ٻه واتي تي اچي ويا آهن ان جي ڪري اسان کي اهو قدم کڻڻا پئجي رهيا آهن ڇو جو جنگلي گھوڙن جي وڏو انگ ماحولياتي نظام لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان ڪري اسان کي ائين ڪرڻو پوندو.
اختيارين جو چوڻ هو ته جنگلي گھوڙن کي ماحول لاءِ نقصانڪار سمجهون ٿا، اهو زميني ڪٽائي سان گڏوگڏ ٻوٽن کي ڇٿي زيان ڪري ڇڏين ٿا ۽ ننڍن جانورن کي به نقصان پهچائين ٿا.
هن چيو ته جنگلي گھوڙا کائڻ ۽ رهڻ لاءِ مقابلو ڪنداآهن ۽ پاڻي کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.