جسٽس مظاهر پينشن ۽ مراعتون بچائڻ لاءِ استغيفيٰ ڏئي ڇڏيندو ؟ :تجزئي نگار

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مظاهر علي نقوي وٽ هاڻي ٻه رستا آهن ، هڪ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ان سان سندس پينشن ۽  ٻيون مراعتون بچي وينديون، ٻيوته شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ الزامن کي کليل ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري چيف جسٽس فائز عيسيٰ جيان پاڻ کي الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري آجو ڪرائي ڇڏي،  سپريم ڪورٽ پريس ايسو سيئيشن جي صدر  طيب بلوچ جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي تي ڪرپشن ، سياسي انجنيئرنگ ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙين جا سنگين الزام آهن،  شاهه رخ جتوئي کي رليف ڏيڻ جي عيوض ڊي ايڇ اي لاهور وارو جتوئي هائوس به جسٽس مظاهر علي نقوي حوالي ٿي وڃڻ وارو  الزام سنگين آهي ، ان بعد فواد چوڌري جي آڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي  وڪيل ڀاءُ فيصل چوڌري کي چئي رهيو هو ته جسٽس مظاهر نقوي لاءِ ٽرڪ تيار آهي، ان بعد ” ٽرڪن واري سرڪار “ جو جملو مشهور ٿيو، ڪورٽ رپورٽنگ ڪندڙ مريم نواز چيوته جسٽس مظاهر نقوي اصل ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي به چيو هو ته  ريفرنس واري معاملي مان کيس آجو ڪرايو وڃي،  آخري وقت ۾ جسٽس عمر عطا بنديال کان ناراض به هو، جسٽس مظاهر نقوي تي 65 ڪروڙن جو تڪراري پلاٽ 6 ڪروڙن ۾ خريد ڪرڻ جو به الزام آهي ، نامياري صحافي اسد علي طور سان ڳالهائيندي صحافي جهانزيب عباسي چيوته معاملو جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾  حل ٿيڻ گهربو هو پر عمر عطا بنديال صرف جسٽس مظاهرنقوي کي بئنچ ۾ گڏ ويهاري چيو هوته  هو خاموش پيغام ڏئي رهيو آهي، عملي طور هن ڪجهه به نه ڪيو، جڊيشل ڪائونسل سٺو  قدم کنيو آهي، ڇوته خود احتسابي  عمل سان عدالتي نظام۾ شفافيت ايندي، طيب بلوچ اهو به چيو ته عمر عطا بنديال جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ بدران ريفرنس جو جائزو وٺندڙ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف هڪ عورت ذريعي شڪايت داخل ڪرائي جسٽس سردار طارق کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هئي ، هاڻي ان عورت کي به شايد نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻ حسن رضا پاشا چيو ته پاڪستان بار جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جج خلاف  ريفرنس  داخل ڪيو آهي، اهو به سمورن صوبن جي بار ڪائونسلن جو  اجلاس سڏائي گهڻي غور ويچار کانپوءِ  ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، هن چيوته جسٽس مظاهر نقوي جي  اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي وري پاڪستان بار جي صدر عابد زبيري ۽ پرويز الاهي جي ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي، جنهن ۾ پرويز الاهي چئي رهيو هو ته  اڳوڻي ڊي پي او لاهور عبدالحميد ڊوگر جو ڪيس جسٽس مظاهر وٽ لڳل آهي، هي ڪيس به ان جي بئنچ ۾ لڳايو وڃي ، انهن آڊيو ليڪس جي فرانزڪ ٿيڻ گهرجي ، ان کانپوءِ جسٽس مظاهر نقوي تي  آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي ، دستاويزن مان خبر پئي ته جسٽس مظاهر وٽ ٻن ارب رپين جو به هڪ پلاٽ آهي.

 

سپريم جڊيشل ڪائونسل 29 مان 19 شڪايتون رد ڪيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.بيان موجب ڪائونسل جو آخري اجلاس 12 جولاءِ 2021 تي اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي دور ۾ ٿيو هو، گذريل اجلاس کان پوءِ وڌيڪ شڪايتون مليون آهن، جنهن ۾ ايندڙ وڪيلن کي به احتياط ڪرڻ جو چيو ويو آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل 29 مان 19 شڪايتون رد ڪري ڇڏيون. پڌرائي موجب جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي خلاف 10 شڪايتون داخل ڪيون ويون، جنهن تي ٽن ٻن جي اڪثريت سان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظهر نقوي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.

سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي سندس خلاف سامهون آيل شڪايتن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو. جسٽس طارق مسعود خلاف شڪايت ڪندڙن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا. ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي ۽ اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽارڊ جاويد اقبال خلاف آيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب، سپريم جڊيشل ڪائونسل شڪايتن تي جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کائنس ڏهه نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پراسيڪيوشن طور پيش ٿيندو. ذريعن موجب، جسٽس مظاهر کي ڪائونسل جي ڪارروائي کليل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جڏهن ته جج طور استعيفيٰ ڏيڻ تي جسٽس مظاهر نقوي پنشن ۽ ٻين مراعتن جو حق حاصل هوندو. ياد رهي ته جسٽس مظاهر نقوي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ ڏهه شڪايتون اماڻيون ويون هيون، شڪايتن تي قانوني راءِ ڏيڻ لاءِ معاملو جسٽس سردار طارق مسعود جي حوالي ڪيو ويو هو. جسٽس طارق مسعود جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف شڪايتن جي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي ۽ پنهنجي قانوني راءِ جڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين ڏانهن اُماڻي ڇڏي. جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس اعجاز الاحسن خلاف داخل شڪايت رد ڪري ڇڏي، جسٽس منصور پنهنجي جاءِ تي سندس خلاف شڪايت جي ٻڌڻي لاءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبر خلاف به شڪايت داخل ڪئي وئي هئي، آمنه ملڪ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، جسٽس سردار طارق مسعود پنهنجي خلاف شڪايت ٻڌڻ کان معذرت ڪري ورتي، جسٽس منصور خلاف شڪايت ٻڌڻ لاءِ ٻڌڻي ۾ بدلي ڪئي وئي. هن شرڪت ڪئي. 03

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.