نگران وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رھندڙ غيرقانوني پرڏيھين کي واپس موڪلڻ واري ڪيل اعلان کي ورجايو آھي ۽ چيو آھي تھ ڪنھن کي بھ پاڪستان ۾ترسڻ نھ ڏنو ويندو.واپس ويندڙن کي رڳو 50 ھزار رپيا کڻي وڃڻ جي اجازت ھوندي.
ان معاملي بابت گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي تھ پرڏيهين جي بيدخلي جي فيصلي تي عمل جا انتظام ۽ سموريون تياريون مڪمل آهن. پهرين نومبر کان پوءِ غير قانوني غير ملڪين جي نيڪالي بابت ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ مختلف شهرن ۾ هولڊنگ سينٽرز بڻايا ويا آهن، پرڏيهين کي اُتي رکيو ويندو، انهن کي اتي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
ھن جو چوڻ ھو تھ بيدخلي بابت پاليسي صرف غير قانوني پرڏيهين لاءِ آهي جن وٽ ڪوبه سفري دستاويز ناهي، جن وٽ ملڪ ۾ رهڻ جو جواز ناهي، انهن کي جيلن ۾ نه موڪليو ويندو، انهن لاءِ هولڊنگ سينٽرز بڻايا ويا آهن. جتان انھن کي انھن جي ملڪ موڪليو ويندو. هن چيو ته بيدخل ڪيل 50 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم کڻي نه وڃي سگهندو.
بئنڪن چينلز يا ٻيا ادارا منتقلي لاءِ پاليسي ٺاهي رهيا آهن.سندس چوڻ ھو تھ غير ملڪين کي سهولتون فراهم ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. پرڏيهين جا غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. هن غير ملڪين کي اپيل ڪئي ته اهي رضاڪاراڻي طور واپسيءَ جو رستو اختيار ڪن، سندس چوڻ ھو تھ حڪومت لاڳاپيل ملڪن سان به رابطي ۾ آهي.
هن چيو ته هولڊنگ سينٽرز جوڙڻ بابت صوبن سان ڳالهيون ٿيون آهن. صوبا ان سلسلي ۾ مالي ۽ انتظامي قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته سمورا ادارا اهو چاهين ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ کي مضبوط بڻايون ان کي هڪ سوفٽ ملڪ سان هڪ هارڊن اسٽيٽ بڻايون. ھن جو چوڻ ھو تھ غيرقانوني پرڏيھي ڏوهن ۾ ملوث آهن اسان جو سوشل فيبرڪ تباهه ٿي ويو آهي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪي افغاني آهن.بدقسمتيءَ سان ڪجهه ماڻهو انهن کي لساني ۽ نسلي معاملي طرف وٺي وڃي رهيا آهن جيڪڏهن ڪنهن جو تعلق افغانستان سان آهي ته ان کي اتي ئي موڪليو ويندو.
وفاقي حڪومت جي اھڙي فيصلي ۽ ان تي زور ڏيڻ مان محسوس ٿي رھيو آھي تھ حڪومت ان تي عمل ڪرڻ جو پورو ارادو رکي ٿي.اھو درست عمل آھي پر ٻئي پاسي جنھن معاملي تي روز خبرون اچن ٿيون تھ غيرملڪين کي ملڪ جي ئي مختلف ادارن ۾ موجود ماڻھون پاڪستان جي سڃاڻپ ڪارڊ توڙي پاسپورٽ تيار ڪري ڏيڻ واري عمل ۾ ھڪ وڏي پئماني جي سسٽم تحت ملوث آھن.اھو ضرور آھي تھ وفاقي وزير ان جو ذڪر تھ ڪيو آھي پر انھن خلاف ٿيندڙ ڪارروائي يا ان بابت اڳڀرائي جو تفصيل نھ ڏنو آھي.ساڳي ريت اھو اعلان تھ ھتي موجود غيرقانوني رھندڙ پرڏيھين کي مسواڙ تي گھر دڪان توڙي رھائش مھيا ڪندڙن خلاف بھ ڪارروائي جي ڳالھھ تھ ٿي آھي پر اھو خود ھڪ خاصو وڏي ايڪسرسائيز جو ڪم آھي جنھن بابت بھ ڪي تفصيل ظاھر نھ ڪيا ويا آھن،ممڪن آھي تھ ان تي ڪم ٿيندو ھجي پر جنھن شدت سان حڪومت ھن معاملي تي ڪم ڪري رھي آھي ۽ زور ڀري رھي آھي ان ھن وقت تائين تھ رڳو 60 کان 70 ھزار سي بھ رڳو افغاني واپس وڃڻ جا اطلاع آھن.صوبائي حڪومت خاص ڪري ڪراچي ۾ رھندڙ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ غيرقانونين بابت تاحال ڪو وڏو ڪم يا انھن جي نشاندھي ڪري سگھي آھي تھ ان جو بھ ڪو تفصيل سامھون نھ آيو آھي.
ملڪ جي گھرو معاملن جي پاليسي کي سخت ڪرڻ، بھتر درست ڳالھھ آھي پر ان جي لاءِ نوڪر شاھي جي سرگرمي گھٽ نظر اچي رھي آھي،ڇا اھا عجيب ڳالهه ناھي جو وفاقي وزير پريس ڪانفرنس دوران ٻين ملڪن جي غيرقانوني پرڏيھين بابت ڪو بھ انگ اکر يا انھن جو تفصيل نھ ڄاڻايو آھي.
ھي ڪم جيترو مشڪل ۽ پيچيدھ آھي ان بابت جيترو ھوم ورڪ گھربل آھي اھو شايد ٿيو بھ ھجي پر ان جو پلان سامھون نھ اچي سگھيو آھي،اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت ھن پاسي مڪمل ڌيان ڏئي ڪري ان تي عملي طور تي ڪم ڪندي جنھن بعد ئي ان جي بھتر ۽ جوڳا نتيجا اچي سگھن ٿا.
-
سوال پڇڻ تي لاڪ اپ حوالي
ٻن ڏينھن کان سوشل ميديا تي ھڪ سياسي اڳواڻ کان ٿيل سوال تي بحث جاري آھي.اھو واقعو دادو ۾ پيش آيو جتي،جي يو آءِ جي جلسي دوران ھڪ پوليس اھلڪار منظور پنھور جي سوال تي جي يو آءِ اڳواڻ ڪاوڙجي پيو.اهلڪار منظور پنهور کي بعد ۾ لاڪ اپ ڪرايو ويو پر سوال سموري دنيا ۾ گردش ڪندو رھيو.
اهلڪار منظور جي يو آءِ اڳواڻ کان سوال ڪيو ھو ته ڇا توھان سڀاڻي پ پ سان اتحاد ته نه ڪندا؟ توهان اڳ به پ پ جا اتحادي رهي چڪا آهيو، توهان جي حڪومت ۾ پيٽرول ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيون.جنھن تي اڳواڻ ڪارڪنن کي پوليس اهلڪار کي پَٽ تي ويهارڻ جو حڪم ڏنو.
راشد محمود سومرو چيو ته ، توکي منهنجو جلسو ڦٽائڻ لاءِ ڪنهن موڪليو آهي ؟ٻئي پاسي ايس ايس پي دادو جي ترجمان جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار منظور پنهور ذاتي حيثيت ۾ سادن ڪپڙن ۾ جي يو آءِ جي جلسي ۾ ويو هو، پوليس اهلڪار کي آزاد ڪيو ويو آهي.
حقيقت ۾ڪنھن بھ سياسي جماعت جي اڳواڻ کان ڪو بھ ماڻھون سوال ڪري سگھي ٿو ۽ سوال تي ڪاوڙجي پوڻ ۽ سوال ڪندڙ کي ھيسائڻ وارو عمل درست نھ آھي.جيڪڏھن جي يو آءِ اڳواڻ ان سوال جو جواب اطمينان سان ڏئي ھا تھ اھو معاملو نھ مچي ھا.
جيڪو بھ سياست ڪري ٿو عوام ان مان اميد رکي ٿو ۽ ان کان ڪھڙو بھ تلخ سوال ٿي سگھي ٿو.انڪري سوال پڇڻ جو مطلب ۽ مقصد پنھنجي ذھن کي چٽو ڪرڻ ھوندو آھي.سمورين ڌرين کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ ماڻھون انھن کان سوال ڪندا ۽ دنيا جو ھر قانون انھن کي اھڙو حق بھ ڏئي ٿو.