بيضي جي زردي جا رنگ مختلف ڇو هوندا آهن؟

بيضي جي کَلَ اڇي يا ناسي رنگ جي هوندي آهي پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته زردي به مختلف رنگن جي هوندي آهي؟
جي ها بيضي جي زردي مختلف رنگن جي ٿي سگھي ٿي ۽ ان جو سبب گھڻو دلچسپ آهي.
هونئن ته ڄاڻي وٺو ته بيضي جي زردري هلڪي ڦڪي، گھري ڦڪي ۽ نارنگي ٿي سگھي ٿي.
گھڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ڪڪڙ جو نسل بيضي جي زرداري جي رنگ جو سبب هوندو آهي، پر اهو خيال غلط آهي.
پر اها ڳالهه درستآهي ته ڪڪڙ جي نسل جي بيضي جي کَلَ جو رنگ جو واسطو ان ڳالهه سان ضرورآهي.
جيستائين بيصي جي زرداري جي رنگ جو واسطو آهي ته ان مڪمل دارومدار ڪڪڙين جي خوراڪ تي هوندو آهي.
جن ڪڪڙين کي ڦڪي ۽ نارنگي رنگ جي فيڊ استعمال ڪرائي ويندي آهي انهن جي بيضنجي زردري گھري رنگ جي هوندي آهي.
جيڪڏهن ڪڪڙين کي ڳاڙها شملا مرچ کارايا وڃن ته انهن جي بيضي جو رنگ به هلڪو ڳاڙهو ٿي ويندو.
پر ڇا گھري رنگ جي زردري صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند هوندي آهي؟
ان جو جواب اهو آهي ته زرداري جو رنگ جيڪو به هجي صحت تي ان جا هڪ جهڙا اثر پوندا آهن.
پر گھري رنگ جي زرداري ۾ وٽامنز جو مقدار وڌيڪ ۽ ڪولسٽرول جو مقدار گھٽ هوندو آهي.
ڪجهه ماڻهن جو مڃڻ آهي ته گھري رنگ جي زردي وارا بيضا وڌيڪ مزيدار هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.