نگران وزيراعظم جو فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل تي عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته فوجي عدالتن خلاف فيصلي تي اپيل ڪنداسين، ڇو ته قانون ۾ تبديلي جو حق پارليامينٽ وٽ آهي.
پرڏيهين جي واپسي جي حوالي سان هن چيو ته طورخم ۽ چمن بارڊر تان لکين ماڻهو وڃي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو حڪومت جي سنجيدگي کي ڏسندي وڃي رهيا آهن، جن وٽ ڪاغذ ناهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسان جي تمام وڏي پشتون آبادي آهي، ڪوشش آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ ڏانهن وڃون، نادرا کي ٽاسڪ ڏنو آهي ۽ ڪميٽيون ٺهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪارروائي ڪندا، چيڪ پوسٽون قائم ڪيون پيون وڃن، ڊيڊ لائن کانپوءِ ڪير پڪڙيو ويو ته ڊي پورٽ به ڪنداسين، پرڏيهي وڃي پنهنجي ملڪ مان پاسپورٽ ٺهرائين، پوءِ جنهن مقصد لاءِ اچڻ چاهين ته ويزا ذريعي اچي وڃن.
نگران وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان سان رشتو ختم نٿا ڪرڻ چاهيون، چاهيون ٿا ته جيڪي اسان جا ماڻهو آهن اهي به هيڏي موڪليا وڃن، سمجهان ٿو ته اسان جا ماڻهو به اتي غير قانوني طور آهن، اسان جي ماڻهن جي اتي ڪا قانوني حيثيت آهي ته ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.