اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي سندس خلاف سامهون آيل شڪايتن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي ۽ اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽارڊ جاويد اقبال خلاف آيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن موجب، سپريم جڊيشل ڪائونسل شڪايتن تي جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کائنس ڏهه نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پراسيڪيوشن طور پيش ٿيندو.
ذريعن موجب، جسٽس مظاهر کي ڪائونسل جي ڪارروائي کليل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جڏهن ته جج طور استعيفيٰ ڏيڻ تي جسٽس مظاهر نقوي پنشن ۽ ٻين مراعتن جو حق حاصل هوندو.
ياد رهي ته جسٽس مظاهر نقوي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ ڏهه شڪايتون اماڻيون ويون هيون، شڪايتن تي قانوني راءِ ڏيڻ لاءِ معاملو جسٽس سردار طارق مسعود جي حوالي ڪيو ويو هو.
جسٽس طارق مسعود جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف شڪايتن جي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي ۽ پنهنجي قانوني راءِ جڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين ڏانهن اُماڻي ڇڏي.
Prev Post
You might also like