اسرائيل جي مختلف شهرن تي حماس جا راڪيٽ حملا

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس طرفان اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۽ ٻين شهرن تي راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب غزا اسرائيل جنگ ۾ پهريون ڀيرو حماس طرفان لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين ڪيترائي ڀيرا تل ابيب کي راڪيٽن جو نشانو بڻايو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته تل ابيب، يافا ۽ ٻين اسرائيلي شهرن ۾ راڪيٽ سبب تباهي ٿي آهي.
اسرائيلي شهر رحوفوت ۾ هاءِ ٽرانسميشن لائين تي راڪيٽ لڳڻ سان بجلي معطل ٿي وئي، جڏهن ته هڪ راڪيٽ اسرائيلي علائقي الڪرياهه ۾ به ڪِريو، جنهن کان پوءِ هنگامي سائرن وڄڻ سان اتي ٿيل اسرائيلي عسڪري ڪائونسل جو اجلاس روڪڻو پيو.
القسام برگيڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيل تي تازا راڪيٽ حملا غزا جي شهري آبادتي تي بمباري جو جواب آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.