عهدو وڃي ته وڃي، اسرائيل خلاف بغاوت جو اعلان ڪيان ٿو: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي گورنر شپ وڃي ته وڃي پرواهه ناهي، اسرائيل خلاف جهاد ۽ بغاوت جو اعلان ڪيان ٿو.
گورنر هائوس ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ رٿيل ميڙاڪي سان خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته فلسطينين سان ٿيل ظلم تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.
هن چيو ته امداد کڻي مصر وڃي رهيو آهيان، اسان پنهنجي سگهه موجب امداد کڻي وينداسين، سڄي قوم فلسطينين سان گڏ بيٺي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي يهودي طاقتن بدران الله کان ڊڄڻ گهرجي، اسان کي هر پليٽ فارم تي فلسطينين لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، اسان سڀني کي هڪ ٿي فلسطين لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.