ڪنڌڪوٽ: جسقم پاران غير قانوني افعانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي، احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم پاران سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بشير خان، منصب شاهه، رفيق لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري برداشت نٿي ڪري سگھجي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ساز بند ڪئي وڃي.

هنن چيو ته غير طور رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري حڪم جي پاسداري درست نموني نه پئي ڪئي وڃي پوليس گرفتار ڪيل افغاني پناهگيرن کي رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏي ٿي.

هنن قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.