شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي ڊائريڪٽوريٽ آف ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل پاران يونيورسٽي جي “استادن جي صلاحيتن جي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لا۽” هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.
ورڪشاپ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري، ڊاڪٽر عاشق حسين جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي سنڌ جي مشھور تعليمدان، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر محمود مغل جو چوڻ هوته هن خوبصورت ۽ وسيع دنيا ۾ زنده رهڻ جو شرف ته ماءُ پيءُ بخشيو آهي، پر استاد اُها عظيم هستي آهن جنهن جو سندر پيشو سدائين جهالت ۽ دقيانوس سماج ۾ انقلاب جا چراغ روشن ڪندو ۽ تبديلي جا جهنڊا ڦڙڪائڻ لاءِ مشغول رهندو آهي.
هن چيو ته جڏهن استادن کي ياد ڪيون ٿا ته سندن ڪيل ڪم ۽ محنت جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون استاد علم جو سرچشمو هوندو آهي. قومن جي تعمير ۽ ترقي ۾ استادن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.