ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن ٻن ڏينهن ۾ مطالبا منظور نه ڪرڻ تي سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جنرل سيڪريٽري اويس چوڌري چيو آهي ته پورٽ تي حڪومت جي ايڪسل لوڊ قانون لاڳو ٿيڻ کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا پر حڪومت قومي شاهراهن تي به ايڪسل لوڊ جي قانون تي عمدارآمد کي يقيني بڻائي.
هن چيو ته صوبائي حڪومتن ذريعي ايڪسل لوڊ تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ قومي شاهراهن جي لاڳاپيل سرڪاري اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي وي اسٽيشنز کي آپريشنل ڪن جڏهن ته موٽروي قومي شاهراهن تي گھمندڙ اوورلوڊ گاڏين کي روڪي.
جنرل سيڪريٽري چيو ته اسان اوورلوڊ جي خاتمي لاءِ ڪاٺور تي اڳ کان 5 هزار گاڏيون احتجاجن بيهاري ڇڏيون آهن، پر ڪارگو جي سڄي ملڪ ۾ محدود سطح تي پهچ بند ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايڪسل لوڊ جو قانون نه هجڻ سان قومي شاهراهون تباهه ۽ حادثا پيش اچن ٿا، اوورلوڊنگ سبب اوزارن جي پرڏيهه کان درآمد سبب ٽرانسپورٽرز جو ڳرو سرمايو خرچ ٿئي ٿو.
اويس چوڌري ٻڌايو ته هڪ سروي موجب هاءِ ويز تي وڌيڪ لوڊ سبب تباهه ٿيندڙ روڊ اسٽرڪچر تي ساليانو 75 ارب رپيا خرچ ڪيا وينداآهن، 53 ٽن جي گاڏي تي 120 ٽن مال لوڊ ڪيو ويندو آهي جنهن سان سڌي ريت فائدو مالڪن کي ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان جهڙي جنگ سٽيل ملڪ ۾ به لوڊ ايڪسل قانون تي مڪمل عمل درآمد ڪرايو ويندو آهي، پاڪستان مان هڪ گاڏي ذريعي افعانستان بارڊر تي پهچندڙ مال جي اڳتي پهچ ٽن گاڏين ذريعي ڪئي ويندي آهي.