مون کي رت جو پئسو نه کپي: اسرائيلي ڌمڪي تي هديٰ بيوٽي جي باني جو جواب

مشهور بيوٽي برانڊ ”هديٰ بيوٽي“ اسرائيل هٿان ظلم جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي حمايت ڪندي واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون.
عراق ڄائي آمريڪي بيوٽي ميڪ اپ آرٽسٽ هديٰ قطان پنهنجي برانڊ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي تازو هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو هو، جنهن ۾ هن اسرائيل جي ظلم تي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.
هن ڪيپشن ۾ لکيو ته منهنجي دل فلسطيني عوام سان گڏ آهي، فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان بابت ڳالهائڻ لاءِ اسان ذاتي اڪائونٽ huda@ جو استعمال ڪندا رهنداسين.
سندس چوڻ هو مان ڄاڻان ٿي ته ڪجهه ماڻهو معمول موجب پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن پر مون کي ائين ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by HUDA BEAUTY (@hudabeauty)

ان وڊيو پيغام تي هڪ اسرائيلي عورت ڌمڪي جوڳو تبصرو ڪندي چيو ته جيڪڏهن هديٰ بيوٽي برانڊ فلسطين لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار جاري رکندو ته مان ان جو سامان خريدڻ بند ڪري ڇڏينديس.
بيوٽي ٽائيڪون ان تبصري تي کرو جواب ڏيندي چيو ته مون کي رت جو پئسو نه کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.