ڪراچي: سوٽ ڪيس مان ناريءَ جو لاش هٿ اچڻ جو خوفناڪ واقعو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ سوٽ ڪيس ۾ بند ڇوڪريءَ جو لاش هٿ آيو آهي، لاش ڦٽو ڪندڙ رڪشي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي، جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ جو دائرو ماءُ ۽ پيءُ جي چوڌاري گهمڻ لڳو آهي.
فوٽيجز ۾ رڪشي کي مين روڊ تان ايندي ڏٺو ويو، رڪشي جي ڊرائيور سان ٻار ۽ عورت کي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.
جاچ ذريعن موجب رڪشي لاش سان گڏ ناظم آباد چورنگي کان لياقت آباد چونا ڊپو آيو ۽ رڪشي سوار جوابدار رانگ سائيڊ کان آيا.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار سوٽ ڪيس ڦٽو ڪري ندي ڪناري روڊ تان فرار ٿيا، پوليس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿيڻ جي رستن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري رهي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته 19 ورهين جي عريشا کي هٿ ٻڌي تشدد کانپوءِ ماريو ويو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.