سرڪاري ملازمت لاءِ عمر جي مٿين حد 35 سال مقرر

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ڪابينا سرڪاري ملازمت لاءِ عمر جي مٿين حد 35 سال مقرر ڪري ڇڏي.
اها منظوري نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي ٽئين اجلاس ۾ ڏني وئي.
صوبائي ڪابينا رائيٽ ٽو انفارميشن رولز 2022 جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ قومي تعليمي نصاب فيز ٽو جي منظوري به ڏني.
ڪابينا سيل ٽيڪس آن سروسز بابت معاملا اڪلائڻ لاءِ ڪيسڪو ۽ بلوچستان روينيو اٿارٽي کي گڏيل مشاورت سان تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
بلوچستان نگران ڪابينا اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي جي تعلقي لانڍي ۾ نئين پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.