ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس شيڊيول جاري ڪرڻ جي اطلاعن جي ترديد ڪري ڇڏي.
سوئي ناردرن گئس ترجمان موجب اداري سياري ۾ گئس فراهمي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو شيڊيول جاري ناهي ڪيو.
سوئي ناردرن طرفان جاري ڪيل بيان موجب سوشل ميڊيا ۾ ان حوالي سان گردش ڪندڙ اطلاع بي بنياد آهن، ادارو گئس فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت ڪوششن ۾ رهندو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته گئس فراهمي بابت ڪنهن به قسم جو اطلاع يا اعلان رڳو سوئي ناردرن جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو ويندو آهي.