ٺاروشاهه ڀرسان دليپوٽا ويجهو ڳوٺ ڊاڪٽر رانجهن پنهور جي رهواسين جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن رانجهن پنهور، شوڪت، ارشاد پنهور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجه ڏينهن اڳ مخالف بااثرن سڪندر، انور،منظور، ارشاد، سڄڻ پنهور ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو هو جنهن جو ڪيس مٺياڻي ٿاڻي تي پڻ داخل ٿيل آهي.
مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ حملو ڪندڙ کي نوشهروفيروز ۾ مقرر ٿيل پوليس اهلڪار سڪندر پنهور جي پٺڀرائي حاصل آهي جيڪو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موت مارڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پوليس به جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري رهي.
هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر پوليس اهلڪار ۽ حملو ڪندڙن جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.