صنعا (ويب ڊيسڪ) حوثين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا غزا ۾ سڌي ريت مداخلت ڪئي ته فوجي جواب ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب يمن جي حوثي اڳواڻ عبدالمالڪ الحوثي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا غزا ۾ سڌي ريت مداخلت ڪئي ته ڊرون ۽ ميزائل حملن سميت فوجي آپريشن ذريعي جواب ڏينداسين.
الحوثي چيو جڏهن ڳالهه غزا جي اچي ٿي ته اها ريڊ لائن آهي، اسان غزا ۾ ٻين گروپن سان سهڪار لاءِ تيار آهيون.
واضح رهي ته غزا تي اسرائيلي حملن کانپوءِ لبنان جي حزب الله به حماس جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like