ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٽين ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
Bangladesh showed all-round dominance to take their opening #CWC23 clash against Afghanistan 👌#BANvAFG 📝: https://t.co/kPZZikaktX pic.twitter.com/6aIXF5KM1A
— ICC (@ICC) October 7, 2023
بنگال ٽائيگرز 157 رنسن جو هدف 35 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بنگلاديش جو نجم الحسن شانتو 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو، ٻين رانديگرن ۾ مهدي حسن ميراز 57، لٽن داس 13، شڪيب الحسن 14 ۽ تنزيد حسن 5 رنسون ٺاهيون.
افغانستان جي فضل حق فاروقي، نوين الحق ۽ عظمت الله عمر زئي هڪ، هڪ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ ڌرمشالا جي هماچل پرديش ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
Cheering on the Tigers 🐯🇧🇩
The @oppo shot of the day 📸#BANvAFG #CWC23 pic.twitter.com/DEkUduoUHw
— ICC (@ICC) October 7, 2023
افغانستان طرفان اوپنر رحمان الله گُرباز 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ان کانسواءِ ابراهيم زدران 22. رحمت شاهه ۽ حشمت الله شاهدي 18،18 ۽ عظيم عمر زئي 22 رنسون ٺاهيون.
نجيب الله زدران 5 ۽ محمد نبي 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، راشد خان 9 ۽ مجيب الرحمان هڪ رنس ئي ٺاهي سگهيو.
بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن ۽ مهدي حسن 3،3 جڏهن ته شرف السلام 2 ۽ تسڪين احمد، مستفيض الرحمان 1، 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار آل رائونڊر پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
Mehidy Hasan Miraz starred with bat and ball to take the @aramco #POTM against Afghanistan 🤩#CWC23 | #BANvAFG pic.twitter.com/jV0yDDZ0Tm
— ICC (@ICC) October 7, 2023