پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي وئي آهي، ٽيم جو حيدرآباد جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچڻ تي ڀارتي مداحن طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو. ايئرپورٽ ٻاهران پاڪستاني ڪرڪيٽرن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سوين ڀارتي مداحن طرفان تاڙين ۽ نعرن سان سندن استقبال ڪيو ويو. هاڻي چيو پيو وڃي ته ٽيم ٽائٽل کٽي ايندي.