احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان نيڌرلينڊز کي رنسن 81 تان هارائي ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم جي 287 رنسن جي جواب ۾ نيڌرلينڊز جي سموري ٽيم41 اوورن ۾205 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
نيڌرلينڊز طرفان آل رائونڊر بيس ڊي ليڊا 67 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ٻين رانديگرن ۾ وڪرم جيت سنگهه 52، لوگن وين بيڪ 28، ڪولن ايڪرمين 17، ثاقب ذوالفقار 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف ٽي، حسن علي ٻه جڏهن ته شاهين، شاداب، افتخار ۽ محمد نواز هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم نيڌرلينڊز ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
A clinical display with the ball helped Pakistan to a big win against Netherlands in their opening #CWC23 encounter 👊#PAKvNED 📝: https://t.co/hqnUuGgEcL pic.twitter.com/pU0CsKfhjI
— ICC (@ICC) October 6, 2023
پاڪستان جي پوري ٽيم 49 هين اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان 68،68 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات اوپنر فخر زمان ۽ امام الحق ڪئي.
پاڪستاني بيٽر اننگز جي شروع ۾ نيڌرلينڊز بالرن آڏو مشڪل جو شڪار نظر آيا. فخر زمان 12، بابر اعظم 5 ۽ امام الحق 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
سعود شڪيل پنهنجي ورلڊ ڪپ ڊيبيو ميچ ۾ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٻٽيهه بالن تي شاندار ففٽي اسڪور ڪئي.
سعود شڪيل پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي ٻي ففٽي اسڪور ڪئي جنهن ۾ ست چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
نيڌرلينڊز طرفان بيس ڊي ليڊا چار، ڪولن ايڪرمن ٻه، پائول وين ميڪرين، لوگن وين بيڪ ۽ آريان دت هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي سعود شڪيل کي پليئرآف دي ميچ قرار ڏنو ويو.