عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ ٻه سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
دنيا جي سڀ کان وڏي تيل برآمد ڪندڙ سعودي ڪمپني آرامڪو نومبر لاءِ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ ٻه سيڪڙو لاٿ ڪري ڇڏي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آرامڪو جي قيمتن جو اثر ايران، ڪويت ۽ عراق جي تيل مارڪيٽن تي پڻ پوندو.
واضح رهي ته ڪچي تيل جي قيمت ۾ لاٿ عالمي معيشت سست رفتاري ۽ گهٽ کپت جي خدشن سبب ڪئي وئي آهي.
ماهرن جو خيال آهي ته عالمي منڊي ۾ اِهو رحجان جاري رهيو ته پاڪستان ۾ في ليٽر قيمت ۾ واضح لاٿ ٿي سگهي ٿي.