پوليس جي روپ ۾ واپاري کان اڌ ڪروڙ ڦر

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مشهور واپاري علائقي اڇرا ۾ مبينا طور تي پوليس وردي پهريل ڦورن واپاري کي ڦري ورتو.
هڪ واپاري طرفان اڇرا ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته گذريل مهيني 28 تاريخ تي هو ۽ سندس ملازم 55 لک 50 هزار رپيا کڻي گھر مان نڪتا ته رستي ۾ ٻن موٽرسائيڪل تي سوار 4 ڄڻن گن پوائنٽ تي سندن گاڏي کي روڪيو ۽ پوليس جي وردي پهريل ٻن ڄڻن چيو ته ڊي ايس پي مغل پورا کيس گھرائي رهيو آهي ۽ رستي ۾ هنن هٿڪڙيون هڻي روڪ رقم کسي ڪلٽس ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.