ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عورت پوليو ورڪر کي هراسان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ موجب لياري جي علائقي لياقت ڪالوني ۾ عورت پوليو ورڪر کي هراسان ڪرڻ جو واقعو ٿيو. پوليو ٽيم رهائشي عمارت ۾ داخل ٿي، جتي پنجين منزل تي موجود ڪجهه ماڻهن عورت کي هراسان ڪيو.
واقعي بعد هڪ شخص کي ٿڏي تي گرفتار ڪيو ويو آهي. شروعاتي طور تي خبر پئي آهي ته ٽيم سان سيڪيورٽي موجود نه هئي. ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي ته سيڪيورٽي پوليو ورڪرز ٽيم سان گڏ ڇو نه هئي.
پوليو ورڪر عورت کي هراسان ڪندڙ شخص کي گرفتاري ڪيل ڪلري ٿاڻي مننتقل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like