ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيليٽي اسٽورز تي هڪ ڀيرو وري کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو.
ذريعن موجب، يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ جو اسٽاڪ تقريبن ختم ٿي آهي، جڏهن اڃا تائين نئين خريداري ناهي ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهري يوٽيليٽي اسٽورز تي سبسڊي واري سستي کنڊ کان محروم ٿي ويا آهن جڏهن ته گوري خريداري نه ٿيڻ سبب کنڊ جو بحران ڊگهو به ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، خريداري ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين سبب کنڊ جي کوٽ پيدا ٿي، يوٽيليٽي اسٽورز مهانگي ٻوي سبب ويجهڙ ۾ ٻه ٽينڊرز ڪئنسل ڪيا ۽ ڪجهه ٽينڊرز ۾ يوٽيليٽي اسٽورز کي ٻولين جو آپشن ئي نه مليو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته کنڊ جي خريداري لاءِ ڪوششون جاري آهن، ايندڙ هفتي چاليهه هزار ٽن کنڊ جو اوپن ٽينڊر کوليو ويندو.