عرفان پٺاڻ به سعود شڪيل جا ڳڻ ڳائڻ لڳو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊز خلاف شاندار بيٽنگ ڪندڙ پاڪستاني بيٽر سعود شڪيل جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ دوبدو آهن.

ٽاپ آرڊر جي فلاپ ٿيڻ کانپوءِ محمد رضوان ۽ نوجوان سعود شڪيل ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ سئو کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري پاڪستان کي ميچ ۾ واپس آندو.

سعود شڪيل بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٻٽيهه بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي جيڪا پاڪستان طرفان ورلڊ ڪپ ۾ ٻي تيز ترين ففٽي پڻ هئي، هو 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

سعود شڪيل جي نيڌرلينڊز خلاف بيٽنگ ڏسي اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو.

عرفان پٺاڻ چيو ته ڪالهه انگلينڊ خلاف نيوزيلينڊ جي راچن رويندرا پريڪٽس ميچ واري فارم مان فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ سعود شڪيل به ساڳي راويت برقرار رکي، هو مڊل آرڊر ۾ پاڪستان لاءِ سٺو آپشن آهي.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ جي پهرين وارم اَپ ميچ ۾ سعود شڪيل نيوزلينڊ خلاف شاندار ففٽي اسڪور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.