رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به هاڪاري رجحان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽربينڪ ۾ آمريڪي ڊالر جو ملهه وڌيڪ هڪ رپيو گهٽ ٿي ويو جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪاروبار جو هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو.

ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڊالر جو ملهه هڪ رپيا گهٽ ٿي 282 رپيا 62 پئسا جو ٿي ويو آهي جيڪو گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 283 رپيا 62 پئسا هو.

اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ 2 رپيا گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد ڊالر 282 رپين جو ٿي ويو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪاروبار جو هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 92 پوائنٽس جي اضافي سان 47 هزار 544 تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.