عدالت ۾ عورت کان برداشت نه ٿيو، وڪيل کي سڌيون گوليون

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي تاندليانوالا عدالت ۾ عورت طرفان وڪيل تي ڪيل فائرنگ جو سبب سامهون اچي ويو.
پولسي موجب اڍائي مهينا اڳ مقتولا فرحت بي بي جي خاندان جي ٽن فردن کي قتل ڪيو ويو هو، عورت جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڪيل صديق اعواڻ ٽن ڄڻن جي قتل جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جو وڪيل هو.
پوليس موجب مقتولا عدالت ۾ فائرنگ ڪري وڪيل صديق اعواڻ ۽ ڪلارڪ کي زخمي ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ وڪيل جي گارڊ جي جوابي فائرنگ ۾ فرحت بي بي ٿڏي تي مارجي وئي هئي.
ان کان پوءِ زخمي وڪيل ۽ ساٿي ڪلارڪ کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
پوليس عورت جي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.