عورت سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جي نُنهن جي هڪ ڪروڙ کان مٿي رپين جي منڊي چوري!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم بشير بلور جي نُنهن ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) اڳواڻ ثمر هارون بلور جي قيمتي منڊي چوري ٿي وئي آهي.

اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي ۾ منڊي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب منڊي جي لاڳت هڪ ڪروڙ رپين کان مٿي جي آهي.

ثمر هارون ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته چار قيراط هيرن واري منڊي مڙس هارون بشير تحفي ۾ ڏني هئي، هڪ فنڪش تي پائي وئي هئس، گهر اچي لاهي رکي ته اتان چوري ٿي وئي اهي. گهر ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي اچ وڃ ناهي، پنج ملازم ئي ڪم ڪندا آهن، ملازمن کي جاچ ۾ شامل ڪري منڊ واپس ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.