اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پارليامينت جي بالادستي تڏهن ٿيندي جڏهن ادارا ان جي ماتحت هوندا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خورشيد شاهه چيو ته دنيا جمهوريت جو ڏينهن ملهائي رهي هئي ۽ ان ئي ڏينهن اسان هڪ آمر جو قانون بحال ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته اسان جمهوريت جي ٻيڙي کي ڪهڙي ريت هتي پهچايو آهي، اها هڪ تاريخ آهي، پارليامينٽ جي بالادستي تڏهن ئي ٿيندي جڏهن ادارا ان جي ماتحت هوندا.
پيپلزپارٽي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن جو ماحول بڻجي چڪو آهي، هاڻي چونڊون هر حال ۾ ٿينديون، جيڪي ڊسمبر يا کڻي دير ۾ دير فيبروري تائين پهچنديون.
سندس چوڻ هو ته چونڊون جنوري يا فيبروري يا وري انکان به اڳ ۾ ٿي سگهن ٿيون، ان عمل جو ڪريڊٽ ميثاق جمهوريت ڏانهن وڃي ٿو جيڪو شهيد بينظير ڀُٽو ڪيو هو.
خورشيد شاهه اهو به چيو ته ميثال جمهوريت جي ڪاميابي اها آهي ته هاڻي ڪو به چونڊن کان ڀڄي نٿو سگهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حالتون ايتريون سنجيده ٿي ويون آهن جو هاڻي هر ڳالهه مان ڳالهه نڪري ٿي، ماحول تمام سُٺو آهي ۽ هڪ اداري ۾ تمام وڏي تبديلي آهي.