هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ نه رڳو عورتن پر مردن جي به فطري عادت آهي، جيڪا مختلف سماجن، طريقن، اصولن ۽ ٻويلن ۾ مختلف هوندي آهي، مختلف سماجن جا مرد مختلف اندازن ۾ هڪٻئي سان کيڪار ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن، اهڙي ئي حوالي سان مختلف سماجن جون عورتون به مختلف اندازن سان هڪٻئي سان ڳالهه ڪنديون آهن.
ان حوالي سان سنڌي عورتن بابت چيو ويندو آهي ته اهي جٿي به ويهنديون آهن ته هڪ ته چپ ڪري ناهن ويهنديون ٻيو ته اجايا سجايا پرايا پنهنجا سکڻا حوال ڪنديون رهن ٿيون. ائين به ناهي ته سنڌي عورتن ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بي مقصد هوندي آهي پر ٻهراڙين جي عورتن ۾ جڏهن ڳالهائڻ جو ڪو خاص موضوع ناهي هوندو ته اهي اهڙي ئي حوالي سان پرايون پنهنجون ڳالهيون ڪري وندر ڪنديون آهن.
اهڙي ئي هڪ وڊيو ۾ ٻن سنڌي عورتن جي هڪٻئي ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي عملي طور تي ته موجود ناهن پر ظاهري طور اهو ئي ڏيکاريو ويو آهي ته اهي ڪيئن هڪٻئي سان ڳالهائينديون آهن.
سنڌي عورتن جي اهڙي مزاحيا انداز ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڏنل وڊيو لنڪ کي ڪلڪ ڪيو ۽ لفط اندوز ٿيو.