وڇونءَ جو زهر دماغ جي ڪينسر جو علاج

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا آيا آهيون ته فطرت جي ڪارخاني ۾ ڪا به شيءَ بيڪار ناهي،  ايستائين جو خطرناڪ جانور وڇون جو زهر به اهڙن مريضن جي حياتي بچائي سگهي ٿو جيڪي دماغ جي ڪينسر جو شڪار آهن. جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته وڇون جو زهر دماغي رسولين جي سڃاڻپ ۽ سرجري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

ان ئي بنياد تي هڪ دماغي تصوير ڪشي جي هڪ نئين ٽيڪنالوجي واضح ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي سرجن سرجري دوران ڪينسر ۾ متاثر ٿيندڙ رسولين کي بهتر انداز ۾ سڃاڻي انهن کي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا.  شروعاتي تجربي ۾ اهو عمل گهڻو  ئي فائديمند ثابت ٿيو آهي.

ان جو سبب اهو آهي ته وڇون جي زهر ۾ خاص پيپٽائڊ موجود آهن جيڪي دماغي رسولين سان چنبڙي ويندا آهن ۽ جڏهن انهن کي انفراريڊ  ڪيمرا ۾ ڏٺو ويندو آهي ته اهي ٽيومر ڏانهن اشارو ڪندا آهن جن کي سولائي سان سڃاڻپ ڪري ڪڍي سگهجي ٿو.

ماهر هاڻ ان کي مريضن تي آزمائي ان جا فائدا نوٽ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻين ماهرن ۽ ڊاڪٽرن ان کي  دماغي سرجري ۾ هڪ نمايان ڪاميابي قرار ڏنو آهي،  جنهن ۾ وڇون جي زهر ۾ موجود پيپٽائڊز کان مدد ورتي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.