صبح جو ڳڙ جو هلڪو گرم پاڻي پيئڻ ڇو ضروري آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏوهن اوهان توانائي ۾ گھٽتائي محسوس ڪري رهيا آهيو ته پوءِ ڳڙ جو هلڪو گرم پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڇو نٿا ڪريو پوءِ ڏسو ته ڪيئن اوهان جو ٿَڪُ ختم ٿي وڃي ٿو

ڳڙ پنهنجي قدرتي خاصيتن سبب فوري طور تي جسم کي توانائي فراهم ڪندو آهي جيڪا ڊگھي عرصي تائين قائم رهندي آهي.

تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان قدرتي طريقا استعمال ڪندي فٽ رهڻ چاهيو ٿا ته ڳڙ کي فوري طور تي غذا ۾ شامل ڪري وٺو.

اينرجي بوسٽر کانسواءِ، ڳڙ جي نيم گرم پاڻي جا ڪجهه بهترين طبي فائدا به آهن ۽ اهو اوهان جي صحت لاءِ حيران ڪندڙ ڪم ڪري سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ ڳڙ آئرن، اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ وٽامن سي سان ڀرپور هوندو آهي، ان ڪري اهو اوهان جي وزم ۾ گھٽٽائي کان وٺي اوهان جي جسم کي گرم رکڻ تائين مختلف قسمن جا فائدا فراهم ڪندو آهي.

ڳڙ جي گرمي ٿڌ ۾ گھڻي مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي ڇو جو اهو اوهان جي جسم جي پاري کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڳڙ جسم ۾ گرمي پيدا ڪري سگھي ٿو، رت جي نالين کي کولي ٿو، اوهان جي ميٽابولزم کي به وڌائي ٿو ۽ جسم مان زهريلن مادن کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڳڙ پوٽاشيم سان ڀرپور هجڻ ڪري جسم ۾ اليڪٽرولائٽ جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ مددگار آهي جنهن سان اوهان جو وزن گھٽجي سگھي ٿو.

جيڪڏهن اوهان وٽ هيموگلوبن جو انگ گھٽ آهي ته قديم زماني ۾ ڳڙ کائڻ جو مشورو ڏنو ويندو هو. اهو آئرن ۽ فوليٽ سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته جسم ۾ ريڊ بلڊ سيلز جو انگ سٺي طرح برقرار رهي. ڀلي اُهي ڳورهاريون عوررتون هجن، يا رت جي کوٽ جو شڪار ماڻهو، ڳڙ جو هلڪو گرم پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ هيموگلوبن جي سطح وڌي ويندي آهي.

ڳڙ هڏن کي مضبوط ڪرڻ، جوڙن جي سور کي ختم ڪرڻ، هڏن جي بيمارين جو علاج ڪرڻ ۽ جسم کي سڪون پهچائڻ لاءِ سٺو آهي.

پوٽاشيم ۽ سوڊيم جو مقدار وڌيڪ هجڻ ڪري گرم پاڻي ۾ ڳڙ ملائي پيئڻ سان جسم ۾ بلڊ پريشر کي توازن ۾ رکڻ ۾ به مدد ملي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.