هڪ منفرد ۽ مختصر تحقيق سان خبر پئي آهي ته حمل دوران جتي عورتن جي جسم ۾ تبديليون ٿينديون آهن، اتي ئي انهن جي دماغ ۾ به تبديليون ٿينديون آهن.
طبي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن حمل دوران انساني دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين تي مختصر تحقيق ڪئي ۽ ڄاڻي حيران رهجي ويا ته دماغ ۾ ڪيئن تبديليون ٿينديون آهن.
تحقيق دوران ماهرن ڳورهاري عورتن جي دماغ جي ايم آر آءِ اسڪين ڏسڻ سميت انهن جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ۽ اهو ڄاڻيو ته انهن جي جسم کانسواءِ دماغ ۾ ڪهڙيون تبديليون ٿينديون آهن.
تحقيق سان خبر پئي ته حمل بيهڻ کانپوءِ عورتن جي دماغ جو هڪ حصو، جنهن کي طبي ٻولي ۾ ”وائيٽ ميٽر“ چيو ويندو آهي، اهو وڌي ويندو آهي يا وڌيڪ متحرڪ ٿي ويندو آهي.
اهو حصو جسم جي مختلف حصن جي ڄاڻ جي پهچ سميت گهمڻ ڦرڻ دوران توازن برقرار رکڻ کانسواءِ ڪيترائي اهم معاملا انجام ڏيڻ لاءِ ڪم ايندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته دماغ جو وائيٽ پيپر ٻار جي پيدائش کان ڪجهه ڏينهن اڳ يا پوءِ تڪڙي واپس پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويندو آهي.
اهڙي ريت تحقيق سان اها به خبر پئي ته ٻار جي پيدائش کانپوءِ عورتن جي دماغ جو ”گري ميٽر“ حصو گهٽجي ويندو آهي.
دماغ جو گري ميٽر سڏرائيندڙ حصو جذبن، يادداشت، احساسن ۽ مسلز جي طاقت جهڙا اهم معاملا انجام ڏيڻ ۾ مددگار هوندو آهي.
ماهرن موجب ٻار جي پيدائش کانپوءِ ڪيترن ئي مهينن تائين گري ميٽر حصو گهٽ رهي سگهي ٿو پر ترتيب وار پنهنجي اصل حالت تي اچي ويندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته حمل دوران عورتن جي دماغن ۾ ٿيندڙ تبديلين سان انهن ۾ پوسٽ پارٽم ڊپريشن سميت ٻين مسئلن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ۽ دماغ جي ٻنهي حصن ۾ ٿيندڙ تبديلين سبب ئي عورتون پوسٽ مارٽم ڊپريشن جو شڪار بڻجنديون هونديون.
You might also like