راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 245 تحت راولپنڊي ۾ حساس سيڪيورٽي ڊيوٽي لاءِ پاڪ فوج جي ٽن ڪمپنين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
گهرو وزارت ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت طرفان 21 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل حڪمنامي موجب پنجاب جي گهرو کاتي جي درخواست تي اهو فيصلو ڪيو ويو.
حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته راولپنڊي ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ ۽ اوچتن حالتن کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ لاءِ فوجي دستا مقرر ڪيا پيا وڃن.
دستاويز موجب، پاڪ فوج جون ٽي ڪمپنيون فوري طور تي 6 مهينن لاءِ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقرري ضلعي انتظاميا جي ضرورت موجب ڪئي ويندي.
حڪمنامي جي ڪاپي صدر جي آفيس، وزيراعظم آفيس، ڪابينا ڊويزن، پنجاب جي گهرو کاتي، آءِ جي پنجاب پوليس ۽ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي سميت لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻي وئي آهي.
حڪمنامي موجب، نوٽيفڪيشن سرڪاري گزٽ جي ايندڙ شماري ۾ شايع ڪيو ويندو.