27 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو، هاڻي 20 نه پر 40 لک ماڻهو پهچندا: سهيل آفريدي

هنگو (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي اعلان ڪيو آهي ته 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو ۽ هاڻي 20 نه پر 40 لک ماڻهو اسلام آباد پهچندا.
هنگو جي ابوبڪر صديق چوڪ تي اسٽريٽ موومينٽ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته عمران خان جي علاج بابت عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي آهي.
عدالت جي ٽن ججن جي فيصلي کي حڪومت ۽ انتظاميا نظرانداز ڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نٿيون آڻي سگهن، جن کي هو طاقتور سمجهن ٿا، ته پوءِ ڪمزور ۽ عام شهرين لاءِ به الڳ معيار نه هجڻ گهرجي.
سهيل آفريدي چيو ته سندس خلاف عدالت، ايف آءِ اي يا ڪنهن ٻئي اداري طرفان ڪو حڪم اچي ته ان تي فوري عملدرآمد ڪيو ويندو آهي، پر عمران خان جي علاج لاءِ عدالتن طرفان ڏنل مهلت باوجود فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو.
هن چيو ته ملڪ ۾ ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ الڳ قانون نٿو ٿي سگهي ۽ سڀني کي هڪجهڙو انصاف ملڻ گهرجي.

You might also like