عمران خان جي اسپتال منتقلي مامرو، توهينِ عدالت ڪيس ۾ نقوي کي ڌر ڇو نه بڻايو ويو؟ پي ٽي آءِ ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري معاملي تي حڪومت خلاف داخل ڪرايل توهينِ عدالت جي درخواست ۾ گهرو وزير محسن نقوي کي ڌر نه بڻائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي عزير ڀنڊاري ايڪس تي وضاحت ڪندي چيو ته اعظم تارڙ ۽ عطا الله تارڙ کي ان لاءِ ڌر بڻايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان جي منتقلي واري معاملي تي انهن جيڪي بيان ڏنا، اهي درخواست جو حصو بڻايا ويا آهن.
وڪيل موجب، وزيراعظم کي ڌر بڻائڻ جو بنياد سپريم ڪورٽ جو يوسف رضا گيلاني ڪيس بابت اهو فيصلو آهي، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن حڪومت عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري ته نيٺ ان جي ذميواري وزيراعظم تي لاڳو ٿيندي آهي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل موجب، محسن نقوي کي ان ڪري ڌر نه بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته هن معاملي بابت سندس ڪو اهڙو بيان يا مواد سامهون نه آيو، جنهن جي بنياد تي کيس درخواست ۾ شامل ڪري سگهجي.
هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو مواد سامهون اچي ٿو يا عدالت سمجهي ٿي ته محسن نقوي ان معاملي ۾ ملوث هئا ته کيس پوءِ به ڌر بڻائي سگهجي ٿو.
علي عزير ڀنڊاري موجب، گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته رولز آف بزنس 1973 تحت هو گهرو وزارت جو انتظامي سربراهه آهي.

 

You might also like